چيئرمينن جي حلف کڻندي ئي سمورين يوسيز جا اڪائونٽ بند

جُون 3, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سمورين  لوڪل ڪائونسلن ( يو سيز) جا اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويوآهي

مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين صوبي جي سمورين لوڪل ڪائونسلز جا اڪائونٽنٽ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

 نوٽيفڪيشن موجب  ملازمن جي پگهارن، تيل، يوٽيلٽي بلن جي مد ۾ ادائيگي جاري رهندي

 مليل ڄاڻ موجب  يوسي چيئرمينن پاران حلف کڻڻ بعد مڪاني ادارن واري کاتي اڪائونٽنٽ بند ڪري ڇڏيا آهن

 ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 جون تي ميئرن  ۽ ضلعي ڪائونسلن جي چيئرمين جي حلف برداري کانپوءِ اهي اڪائونٽنٽ کوليا ويندا

Leave A Comment