چيئرمين جوائنٽ چيفس جو عهدو اڄ کان ختم، فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڊفينس چيف طور مقرري

  چيئرمين جوائنٽ چيفس جو عهدو اڄ کان ختم، فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڊفينس چيف طور مقرري

راولپنڊي (م ڊ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي مان ۾ الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سندس 40سالن جي عسڪري خدمتن تي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا، جنرل ساحد شمشاد کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، الوداعي خطاب ۾ جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو ته ملڪ ۽ قوم جي خدمت کي فرض سمجهي ادا ڪيو، موجوده جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۾ مضبوط قومي دفاع قومي سلامتي جو بنيادي ٿنڀ آهي، پاڪستان جو دفاع مضبوط آهي، جوان دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. ٻئي طرف جنرل ساحر شمشاد اڄ رٽائر ٿيندو ۽ ان سان گڏ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جو عهدو به ختم ٿي ويندو. هاڻ چيف آف ڊفينس فورس جو عهدو هلندو جنهن جو پهريون چيئرمين اڄ مقرر ڪيو ويندو. امڪان آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير کي ئي مقرر ڪيو ويندو جنهن سان فوج جي سربراهه طور سندس نئون مدو به شروع ٿيندو. مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.