چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ جي تياري
جُون 12, 2025
مٽياري (رپورٽ: ڪامران ميمڻ )بجيٽ اجلاس ۾ مخدوم خاندان جا اختلاف کلي سامهون اچي ويا، چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو امڪان،
ضلعي ڪائونسل مٽياري جي بجيٽ اجلاس ۾ مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير محبوب الزمان جي حمايتي ڪائونسلرن شرڪت نه ڪئي.
جڏهن ته وائس چيئرمين سيد مرتضيٰ شاهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هيو پر کيس اجلاس ۾ ڳالهائڻ نه ڏنو ويو هو،
ياد رهي ته چيف آفيسر جي مقرري تان مخدوم احمد الزمان ۽ صوبائي وزير محبوب الزمان ۾ اختلاف چوٽ چڙهيل آهن.
جڏهن ته ضلعي چيئرمين ۽ ڪجهه ميمبرن پاران 2019 کان 2024 تائين جي وقت جو حساب گهرڻ تان به اختلافن ۾ شدت آئي آهي، ٻئي طرف ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين مخدوم احمد الزمان خلاف عدم اعتماد آڻڻ جون تياريون پڻ شروع ڪيون ويون آهن.
جنهن لاءِ ڪجهه ميمبرن کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ۽ جوڙ توڙ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي،
اختلافن جي وچ ۾ محمد علي ڄاموٽ جي انٽري ٿي آهي ۽ چيئرمين جي واضح حمايت ۾ سامهون اچي ويو آهي.
مخدوم خاندان ۾ اختلافن بعد مخدوم فخر ۽ محمد علي شاهه ڄاموٽ چيئرمين جي حمايت ۾ سامهون اچي ويا. ان ڏس ۾ مخدوم خاندان جي اختلاف بعد مخدوم فخر الزمان ۽ ڄاموٽ محمد علي شاهه پنهنجي ميمبرن کي مخدوم احمد الزمان جي حمايت جي تاڪيد ڪري ڇڏي آهي. سڀئي ميمبر اجلاسن ۾ شريڪ پڻ ٿي رهيا آهن.