چيئرمين پي سي بي جي نامزدگي تي ن ليگ ۽ پ پ آمهون سامهون

جُون 8, 2023

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) چيئرمين پي سي بي جي مقرري تان ن ليگ ۽ پ پ آمهون سامهون اچي ويا آهن پ پ نجم سيٺي جي نامزدگي تي اعتراض واري ڇڏيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي ذڪا اشرف کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين نامزد ڪرڻ چاهي ٿي جڏهن ته وزيراعظم نجم سيٺي کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي

پيپلز پارٽي  نجم سيٺي جي نامزدگي تي اعتراض ڪندي نواز ليگ آڏو موقف رکيو آهي ته راندين واري وزارت انهن وٽ آهي انڪري ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين سندن مرضي موجب اچڻ گهرجي

ذريعن موجب مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف کي هدايت ڪئي آهي ته نجم سيٺي کي پي سي بي چيئرمين جي عهدي تي برقرار رکيو وڃي

واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف نجم سيٺي کي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا جي جاءِ تي پي سي بي جو عبوري چيئرمين نامزد ڪيو هو جڏهن ته هلندڙ مهيني سندس مقرري جو مدو پورو ٿي ويندو

Leave A Comment