| چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو، افواهن جي گنجائش ناهي: خواجا آصف |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن جو عمل شروع ٿي ويو آهي، ان حوالي سان هاڻ افواهن جي ڪابه گنجائش ناهي. جاري ڪيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خواجا آصف چيو ته وزيراعظم جلد واپس اچي رهيو آهي، سندس واپسي بعد ڪنهن به مناسب وقت تي چيف آف ڊفينس فورسز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته غيرذميواراڻي انداز ۾ ميڊيا تي چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري ۽ سندس نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بابت افواهه پکيڙيا پيا وڃن،وڌيڪ ڪنهن به قسم جي اندازن يا افواهن جي ڪا به گنجائش ناهي. بچاءُ وزير وڌيڪ چيو ته 27 هين ترميم ۽ آرمي ، نيوي ۽ ايئر فورسز ايڪٽ ۾ ترميم بعد چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري ۾ ڪوبه ابهام ناهي رهيو انڪري اجاين تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي.