عمران پاران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ٽرائل جج خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو، في الحال مداخلت نه ڪنداسين: جسٽس بنديال

آگسٽ 23, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ غلطيون ڪيون آهن، غلطين باوجود اڄ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ مداخلت نه ڪنداسين، سڀاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪجهه نه ٿيو ته پوءِ سپريم ڪورٽ منجهند هڪ وڳي فيصلو ڪندي

سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي توشا خانه بابت ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي چيو ته توهان جذباتي ٿيڻ بدران قانون مطابق دليل ڏيو، بادي النظر ۾ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ غلطيون آهن

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ اڃا به فورمز موجود آهن، چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان اهو پيا چئو ته اسان پي ٽي آءِ چيئرمين کي بري ڪيون، توهان جي طرز عمل مان ته ائين پيو لڳي

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ڪو جوابدار پاڻ گواهه پيش نه ٿو ڪري ته عدالت گواهن کي طلب ڪري سگهي ٿي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي گواهه پيش ڪرڻ لاءِ وقت نه ڏنو ويو

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ٽرائل ڪورٽ چيو ته گواهه اڻ واڳيل آهن، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽ 7 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جو چيو ۽ ٽرائل ڪورٽ هڪ ئي ڏينهن ۾ فيصلو ڏنو جيڪو درست نه هو، هاءِ ڪورٽ جو احترام آهي، سڀاڻي هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو، ٻئي ڏينهن اسان ڪيس ٻڌنداسين

واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خلاف سپريم ڪورٽ درخواست داخل ڪندي سمورا ڪيس منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي

تحريڪ انصاف جي چيئرمين پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي جج همايون دلاور مون کي سزا ٻڌائي

درخواست ۾ چيو ويو ته جج همايون دلاور مون کي سزا ڏيڻ لاءِ تيار هو، جج همايون دلاور مون کان نفرت ڪري ٿو، ان ڪري منهنجو ڪيس هن وٽ ئي اماڻيو ويو

پي ٽي آءِ چيئرمين پاران عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته  سمورا ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان لاهور يا پشاور هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيا وڃن

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي منهنجي خلاف داخل سمورن ڪيسز جي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي، سموريون انڪوائريز ۽ ٽرائل به اسلام آباد مان منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

عمران خان درخواست ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جون منهنجي خلاف تعصب جون ٺوس شاهديون موجود آهن، مون کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ لاءِ جيل ۾ رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي

سپريم ڪورٽ اهڙي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment