چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪيس نه ٻڌو وڃي:ڪميشن کي به اعتراض

مَي 31, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن پاران آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف ڪيس ٻڌندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض اٿاريو ويو آهي، بينچ جي جوڙجڪ تي به اعتراض ڪيو ويو آهي

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جوڙيل آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن پاران سيڪريٽري ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو ويو آهي

هي به پڙهندا

انڪوائري ڪميشن پاران پنهنجي جواب ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي5 رڪني لارجر بينچ جي جوڙجڪ درست ناهي، بينچ جي جوڙجڪ جو معاملو ججز ڪاميٽي سامهون ناهي رکيو ويو، بهتر ٿيندو ته ججز ڪاميٽي پاران بينچ جي جوڙجڪ تائين 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ملتوي ڪري

انڪوائري ڪميشن پاران پنهنجي جواب ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ قائم 5 رڪني بينچ آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس نه ٻڌي

انڪوائري ڪميشن جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته ذاتي مفادن بابت ڪيس ڪوئي جج نٿو ٻڌي سگهي، ڪميشن کي ڪا ذاتي دلچسپي ناهي، ذميواري قانون تحت ڏني وئي آهي، واضح ڪري چڪا آهيون ته ڪميشن جي ڪارروائي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي ناهي

ان کان اڳ وفاقي حڪومت به آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ٻڌندڙ بينچ تي اعتراض جمع ڪرايا ويا هئا

Leave A Comment