چيف جسٽس جو پيغام ملي ته ماتحت عدالت ٻيو ڇا ڪندي؟ لاڏلي جي سزا ختم نه معطل ٿي آهي:شهباز شريف

آگسٽ 29, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطلي واري فيصلي تي سياسي اڳواڻن پاران ردعمل ڏنو ويو آهي

اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف عمران جي سزا معطلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته چيف جسٽس جو گڊ ٽو سي يو ۽ وشنگ يو گڊ لڪ جو پيغام اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تائين پهچي ويو

شهباز شريف چيو ته فيصلو اچڻ کان اڳ ئي سڀني کي پتو هو ته فيصلو ڪهڙو ايندو، هي نظام عدل لاءِ فڪر جي گهڙي هجڻ گهرجي

نواز ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته اعليٰ عدالت مان واضح پيغام ملي وڃي ته ماتحت عدالت اهو نه ڪندي ته ٻيو ڇا ڪندي؟

شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي سزا يقيني بڻائڻ لاءِ مانيٽرنگ جج لڳايو ويو هو، لاڏلي کي بچائڻ لاءِ پاڻ چيف جسٽس مانيٽرنگ جج بڻجي ويو، نظام عدل جو هي ڪردار تاريخ جي ڪاري باب ۾ لکيو ويندو، شهباز شريف چيو ته لاڏلي جي سزا معطل ٿي آهي ختم ناهي ٿي

هن چيو ته هڪ طرف جهڪيل تارازي ۽ انصاف کي مجروح ڪندڙ نظام عدل قبول ناهي، خانه ڪعبي واري گهڙي وڪڻي کائيندڙ سامهون قانون بيوس آهي، چور رياستي دهشتگردي جي سهولتڪاري ٿيندي ته انصاف ڪيئن ملندو

شهباز شريف چيو ته 9مئي هجي، جوڊيشل ڪمپليڪس حملو، پوليس تي پيٽرول بم برسات سڀ معاف ڪيو ويو

هوڏانهن اعظم  نذير تارڙ چيو ته عدالت سزا معطل ڪئي آهي فيصلو اڃا برقرار آهي، هاءِ ڪورٽ پاران ٽرائل مان آيل سزا معطل ڪئي وئي آهي

Leave A Comment