| چيف جسٽس جي آمد: نصرالله گڏاڻي جي وارثن جو انصاف لاءِ احتجاج |
گهوٽڪي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آمد جي موقعي تي گهوٽڪي جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن يعقوب گڏاڻي ۽ ٻين چيف جسٽس آڏو احتجاج ڪندي شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي محمد يعقوب گڏاڻي جو چوڻ هو ته شهيد نصرالله جي قتل ۾ ملوث بااثر جوابدار ڌمڪائي رهيا آهن اسان کان پوليس سيڪيورٽي به واپس ورتي وئي آهي، اسان کي هاڻ چيف جسٽس مان انصاف جي اميد آهي.