چيف جسٽس جي آمد وقت بجلي بند؟ ايڪسين ۽ ايس ڊي او معطل

چيف جسٽس جي آمد وقت بجلي بند؟ ايڪسين ۽ ايس ڊي او معطل

 مورو (ن پ ا) سيپڪو چيف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت جي موري جي دوري دوران بجلي بند هئڻ جو نوٽيس ورتو، سيپڪو مورو جي ايگزيڪيوٽو  انجنئير عبدالستار چنا ۽ ايس ڊي او  بشير احمد جوڻيجو کي معطل ڪري ڇڏيو  آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مورو پهتو، جنهن دوران شهر ۾ بجلي جي فراهمي معطل رهي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن چيف جسٽس آف سنڌ ھاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت جي موري آمد وقت بجلي بند هئي.