اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) چيف جسٽس سوڌو سپريم ڪورٽ جي ججز جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، وقتي صدر سپريم ڪورٽ جي ججز جي پگهارن بابت آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو
چيف جسٽس پاڪستان جي پگهار ۾ 2 لک 4 هزار 864 رپيا اضافو ٿي ويو، جنهن بعد چيف جسٽس جي پگهار 12 لک 29 هزار 189 رپيا هوندي، ان کان اڳ چيف جسٽس جي پگهار 10 لک 24 هزار 234 رپيا هئي
سپريم ڪورٽ جي جج جي پگهارن ۾ هڪ لک 93 هزار 527 رپيا اضافو ڪيو ويو جنهن بعد سپريم ڪورٽ جي جج جي پگهار 11 لک 61 هزار 163 رپيا هوندي ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي جج جي پگهار 9 لک 67 هزار 636 رپيا هئي، وزارت قانون وقتي صدر جي منظوري کانپوءِ آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو