چيف جسٽس جي پگهار 15 لک کان وڌيڪ: تفصيل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پيش

مَي 18, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پگهار 15 لک کان وڌيڪ آهي تفصيل سپريم ڪورٽ کي ملي ويا

تفصيل موجب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اهم اجلاس چيئرمين نور عالم جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کي ملندڙ پگهار ۽ ٻين مراعتن جا تفصيل پيش ڪيا ويا

آڊٽ عملدارن موجب چيف جسٽس جي پگهار 15 لک 27 هزار 399 رپيا آهي کيس سرڪاري گهر ۽ هڪ بلٽ پروف گاڏي به مليل آهي

عملدارن پي اي سي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چيف جسٽس کي 1800 سي سي جي هڪ سرڪاري گاڏي الڳ مليل آهي ان کان علاوا 600 لٽر پيٽرول ۽ لامحدود يوٽيلٽي سهولتون به مليل آهن

عملدارن موجب چيف جسٽس کي هائوس رينٽ جي مد ۾ 98 هزار رپيا ماهوار ملن ٿا ۽ روزانو 8 هزار رپيا الائونس به ڏنو ويندو آهي

اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين نور عالم جو چوڻ هو ته مونکي چيئرمين طور رڳو هڪ لک 87 هزار رپيا پگهار ملندي آهي

Leave A Comment