چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، 28 سيپٽمبر تي شنوائي

سيپٽمبر 21, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي ڪيس  ۾ نظرثاني واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ٽي رڪني بينچ به مقرر ڪئي وئي آهي

 ميڊيا رپورٽن موجب فيض آباد ڌرڻا ڪيس ۾ نظرثاني جي درخواست تي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تي ٿيندي، ان لاءِ ٽي رڪني بينچ جوڙي وئي آهي، بينچ م چيف جسٽس قاضي فائز عيسي سربراهي ڪندو، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله بينچ ۾ شامل هوندا

خانگي ٽي وي چينل موجب هن ڪيس ۾ چيف جسٽس ڪيس ۾ پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم خلاف آبزوريشن ڏني هئي،  هن فيصلي جي ڪري جسٽس قاضي فائز خلاف ريفرنس به داخل ٿيو هو

ياد رهي ته اليڪشن ايڪٽ جي منظُوري دوران ختم نبوت حلف نامي ۾ تبديلي تي تحريڪ لبيڪ يا رسول الله فيض آباد انٽرچينج تي ڌرڻو هنيوهو، ڌرڻي جي خاتمي لاءِ عدالت حڪم به جاري ڪيو هو پر طاقت جي استعمال تي ڪيترن ئي انسانن جون جانيون ويون ۽ سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا لڳا هئا

Leave A Comment