چونڊن ۽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل وارا ڪيس هلائڻ جو اشارو

آڪٽوبر 19, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چونڊن ۽ فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل وارا ڪيس هلائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ۾ پاڪ عرب ريفائنري ملازمن جي ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ عام چونڊن ۽ فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل وارا ڪيس به مقرر ٿيڻ وارا آهن

چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڏکيا ڪيس اچڻ وارا آهن، انهن ڪيسن جي ٻڌڻي دوران ٻيا ڪيس ٻڌڻ مشڪل هوندو

عرب ريفائنري جي ملازمن جي وڪيل ڪيس 15 ڏينهن  بعد مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي، چيف جسٽس چيو ته ان ڪيس کي 2 مهينن کانپوءِ مقرر ڪنداسين

 سپريم ڪورٽ پاڪ عرب ريفائنري ڪيس جي ٻڌڻي ٻن مهينن تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment