| چيف جسٽس ننگرپارڪر پهچي ويو، ڪارونجهر بچائڻ لاءِ احتجاج جاري |
ننگرپارڪر (رپورٽ: فيض کوسو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ٻن ڏينهن جي دوري تي ننگرپارڪر پهچي ويو, چيف جسٽس ڪارونجهر جبل، ڪاسبو ۽ ٻين سياحتي هنڌن جو دورو ڪيو، .جڏهن ته ننگرپارڪر شهر ۾ چيف جسٽس جي آمد جي موقعي تي ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو ۽ مصطفيٰ دل جي اڳواڻي ۾ رهواسين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪارونجهر بچائڻ لاءِ احتجاج ڪيو، جڏهن ته چيف جسٽس احتجاج ڪندڙن کي نظراندز ڪري ڪارونجهر جي سياحتي ماڳن طرف روانو ٿي ويو. جڏهن ته چيف جسٽس رات روپلو ڪولهي موٽل ننگرپارڪر ۾ گذاريندو .جڏهن ته اڄ چيف جسٽس ننگرپارڪر جي مقامي عدالت ۾ ججن ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪندو. جڏهن ته ننگرپارڪر عدالت ۾ قائم اي لائبريري سسٽم جو به دورو ڪري افتتاح ڪندو . ٻئي طرف چيف جسٽس جي دوري دوران سياحتي هنڌن ۽ رستن تي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.