چيف جسٽس ٿو اچي؟ اجڙيل روڊ رستن جي قسمت جاڳي پئي، صفائي

چيف جسٽس ٿو اچي؟ اجڙيل روڊ رستن جي قسمت جاڳي پئي، صفائي

ننگرپارڪر (ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي امڪاني دوري جو ٻڌي ننگرپارڪر جي تعلقي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو . ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪاسبو جي گذريل ڪيترن ئي سالن کان تباه ٿيل روڊ جي قسمت جاڳي پئي ،ڪاسبو يونين ڪائونسل جي چيئرمين طرفان ڪاسبو روڊ جي ٻنهي پاسن کان بيٺل ديوي جي وڻن کي تيزي سان وڍرائي روڊ جي صفائي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هاء وي ڊويزن تباه ٿيل روڊ جي کڏن ۾ اڇي مٽي ڀرائي پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاء ڪم کي تيز ڪري ڇڏيو چيف جسٽس جي امڪاني دوري ننگرپارڪر جي تعلقه انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي .