چيف جسٽس قاضي فائز جسٽس منيب کي سوال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

آڪٽوبر 10, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منيب اختر وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي

 جسٽس منيب اختر ايم ڪيو ايم جي وڪيل فيصل صديقي کان سوال ڪيو ته چيف جسٽس وڪيل کي جواب ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

 چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته وڪيل بينچ جي ميمبرز جا جواب ڏيڻ بدران پنهنجا دليل پيش ڪري، جسٽس منيب اختر چيو ته بينچ ۾ ويٺل جج طور سوال ڪرڻ منهنجو حق آهي، معذرت سان چوندس ته بار بار مداخلت سٺي ڳالهه نه آهي

 چيف جسٽس چيو ته مداخلت وڪيل لاءِ ڪئي وئي، چيف جسٽس وڪيل کي دليل جاري رکڻ جي هدايت ڪئي، چيف جسٽس جي روڪڻ باوجود جسٽس منيب اختر وڪيل کان سوال ڪيو ته رڳو اهو ٻڌايو ته آرٽيڪل 191 ۾ لاء جو ڇا مطلب آهي؟

جسٽس منيب اختر جي سوال تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهان اڳ ئي ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي ته فيصلي ۾ لکي ڇڏجو، جسٽس منيب اختر چيو ته معذرت سان منهنجو مسئلو منهنجو سوال آهي جنهن جو جواب ڏيو

عدالت ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment