چيف جسٽس ۽ پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ
جنوري 13, 2024
اسلام آباد: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي
پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر عدالت جي اجازت کانسواءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نياز الله نيازي کي روڪيندي چيو ته اسان توهان سان نه ٿا ڳالهايون، توهان جي وڪيل سان ڳالهائي رهيا آهيون
نياز الله نيازي چيو ته اهي ڳالهيون نه ڪيو ته پارٽيءَ ۾ نوان چهرا ڪيئن آيا، مان پارٽي ۾ 2006 کان آهيان ۽ 3 سال ايڊوڪيٽ جنرل به رهيو آهيان
پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان ۽ وڪيل علي ظفر پاران به نياز الله نيازي کي ڳالهائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
نياز الله نيازي چيف جسٽس تي الزام هڻندي چيو ته منهنجو پٽ توهان وٽ ڪلارڪ لاءِ انٽرويو ڏيڻ آيو، توهان هن کان به پي ٽي آءِ جي باري ۾ سوال ڪيا، مون کي خبر آهي ته مون سان ائين ڇو پيو ٿئي
چيف جسٽس علي ظفر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اسان هن کي نوٽيس جاري ڪيون؟، علي ظفر چيو ته مان معافي ٿو وٺان
چيف جسٽس چيو ته اسان سوال سمجهڻ لاءِ ئي پڇندا آهيون، اهڙو رويو رکڻو آهي ته پوءِ اسان ڪيس نه ٿا ٻڌون، لائيو نشريات هلي رهي آهي ۽ الزام هنيو ويو، نياز الله نيازي جو پٽ ته مون وٽ ڪڏهن انٽرويو ڏيڻ نه آيو آهي