چيف سيڪريٽري جو حڪم نظرانداز:سنڌ ۾ 42 مختيارڪارن جي اسسٽنٽ ڪمشنر طور ترقي رولڙي جو شڪار،بورڊ آف روينيو کي ٻيهر خط

جُولاءِ 26, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) چيف سيڪريٽري جا حڪم نظرانداز، سنڌ ۾ مختيارڪارن جي اسسٽنٽ ڪمشنر طور ترقي رولڙي جو شڪار ٿي ويون، چيف سيڪريٽري جي هدايتن باوجود سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو مختيارڪارن جا ورڪنگ پيپر سروسز کاتي حوالي نه ڪيا، سروسز کاتي جي اختيارين پاران سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي ٻيو ڀيرو خط لکي ورڪنگ پيپر جلد اماڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 اسسٽنٽ ڪمشنر واري عهدي جون مختيارڪارن جي ڪوٽا واريون 42 سيٽون خالي هجڻ باوجود ترقين واري عمل ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب سينيئر مختيارڪار ترقين کان محروم بڻيل آهن، ترقين جي ڊوڙ ۾ شامل مختيارڪارن چيف سيڪريٽري کي شڪايت اماڻي ڇڏي

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سال 2017ع کان پوءِ مختيارڪارن جون مٿين گريڊ يعني اسسٽنٽ ڪمشنر واري عهدي تي ترقيون نه ٿي سگھيون آهن، ڪجهه هفتا اڳ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي هدايتن بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي خط لکي کيس هدايت ڪئي وئي هئي ته ترقين جي انتظار ۾ ويٺل مختيارڪارن جا ورڪنگ پيپر جلد اماڻيا وڃن جيئن سندن ترقين جي لاءِ اجلاس گھرايو وڃي

سروسز کاتي جي اهڙي خط کي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو پاران نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر به سروسز کاتي جي لاڳاپيل سيڪشن پاران سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي خط لکي مختيارڪارن جا ورڪنگ پيپر گھرائي ورتا آهن

 واضح رهي ته سنڌ ۾ رڳو مختيارڪارن جي ڪوٽا واريون اسسٽنٽ ڪمشنرن جو 42 سيٽون خالي پيل آهن، جيڪي مختيارڪارن جي ترقين کان پوءِ ئي ڀرجي سگھنديون، ان باوجود روينيو اختيارين پاران ورڪنگ پيپر سروسز کاتي حوالي ڪرڻ ۾ سستي ڪئي پئي وڃي

ترقين جي ڊوڙ ۾ شامل مختيارڪارن پاران چيف سيڪريٽري کي روينيو اختيارين بابت شڪايت ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ئي سروسز کاتي پاران ٻيهر سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي خط لکيو ويو آهي

 هوڏانهن بورڊ آف روينيو جا 70 اسسٽنٽ مختيارڪار به ڪيتري ئي عرصي کان 16هين گريڊ ۾ مختيارڪار واري عهدي تي ترقي ماڻي نه سگھيا آهن

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب مختيارڪارن جون اسسٽنٽ ڪمشنر طور وقت تي ترقيون نه ٿيڻ جي ڪري بورڊ آف روينيو ۾ اسسٽنٽ مختيارڪارن جون ترقيون به سخت متاثر ٿيون آهن

سنڌ ۾ 70 کان وڌيڪ اسسٽنٽ مختيارڪار ترقي ماڻڻ جي انتظار ۾ ويٺل آهن پر مختيارڪارن جون مٿي ترقيون رُڪيل هجڻ ڪري سندن ترقيون به متاثر ٿيون آهن، اسسٽنٽ مختيارڪارن جون ترقيون سينيئر ميمبر ئي ڪندو آهي پر سندن ترقين واري عمل کي اڃا پائيپ لائين ۾ ئي ناهي آندو ويو

 ٻئي طرف سنڌ ۾ نگران سيٽ اپ کان اڳ اسسٽنٽ ڪمشنرن جون ايندڙ هفتي وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ٿيڻ جو امڪان آهي

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ 8 آگسٽ تي حڪومت ختم ٿيڻ ۽ نگران سيٽ اپ جڙڻ کان اڳ ئي سنڌ جي مختلف تعلقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جون وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ٿيڻ جو به امڪان آهي

Leave A Comment