چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بيان بازي ۽ پروپيگنڊا کي روڪڻو پوندو، متحد ٿيڻ ضروري آهي: آرمي چيف

ڊسمبر 26, 2023

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بيان بازي ۽ پروپيگينڊا جي نفي ڪرڻي پوندي.  هڪ پرعزم قوم لاءِ اڀرڻ لاءِ متحد ۽ هڪ جان ٿيڻو پوندو. قومي مسئلن تي درست نقطه نظر رکڻو پوندو.  ملڪ دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزورين کي استعمال ڪندي ڏار وجهڻ چاهين ٿا، اسان کي هڪ پرعزم ۽ مضبوط قوم طور اڀرڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪرسمس تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪرائسٽ چرچ راولپنڊي پهتو، جتي هن عيسائي برادري سان ڪرسمس تقريبن ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته چرچ انتظاميا آرمي چيف جي آجيان ڪئي ۽ تهوار ۾ شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. ان موقعي تي آرمي چيف پاڪستان ۾ رهندڙ سموري عيسائي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏيندي انهن لاءِ احترام جو اظهار ڪيو. آرمي چيف متحد ۽ ترقي پسند پاڪستان لاءِ قائد جي حقيقي نظريي تي عمل ڪرڻ ۽ معاشري ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي هٿي تي زور ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسلام اسان کي امن ۽ دوستي جو سبق سيکاري ٿو، اسلام بين المذاهب هم آهنگي جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي، چئلينجن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ بيان بازي ۽ پروپئگنڊا کان پاسو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قومي مسئلن بابت درست نظريو، سچائي ۽ علم تي ٻڌل راءِ رکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزورين کي استعمال ڪندي ڏار وجهڻ چاهين ٿا، اسان کي هڪ پرعزم ۽ مضبوط قوم طور اڀرڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. قائد اعظم جي 147هين يوم پيدائش تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي آرمي چيف چيو ته قائداعظم فريامو توهان آزاد آهيو، توهان پنهنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو، قائداعظم فرمايو ته توهان هن رياست ۾ پنهنجي مسجدن يا ڪنهن ٻي عبادتگاهه ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو.

Leave A Comment