| چيلهار ويجهو ڳوٺاڻن جي مڙسي، 4 شڪاري پڪڙي ورتا، هرڻ هٿ |
مٺي (رپورٽر) چيلهار ڀرسان ڳوٺ بجل مڙهو جي سيم ۾ الهبچايو راهمون، قربان راهمون، مقبول راهمون ۽ هڪ مقامي سهولتڪار مولو ڀيل مبينا طور ناياب نسل جي هرڻن جو شڪار ڪري رهيا هئا ڳوٺاڻن کين پيڇو ڪري کين هڪ زنده هرڻ سميت پڪڙي چيلهار پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، واقعي کان لڳ ڀڳ 9 ڪلاڪن بعد مقامي رهواسي هريسنگهھ ٺڪر جي فرياد تي چئني جوابدارن خلاف گاڏي چاڙهڻ ۽ ڳوٺاڻن تي حملي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو، ٻئي طرف، جهنگلي جيوت کاتي پاران هرڻن جي شڪار بابت اڃا تائين ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي، ٻئي پاسي وائلڊ لائيف کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر اشفاق ميمڻ چيو آهي ته شڪارين کي بخش نه ڪنداسين اسان پڻ ڪيس داخل ڪيون ٿا