چيلهار (ن پ ا) چيلهار ٽائون ڪاميٽي جي ميمبرن وچ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا ڊاڪٽر کٽو مل پاران مخصوص سيٽ تان نامزد ڪيل چيئرمين بيهاري
راٺوڙ کي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي جي لابي پاران چيئرمين تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٽي مهينا گذرڻ باوجود به ٽائون ڪاميٽي جي نه بجيٽ پيش ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو تعارفي اجلاس ٿي سگهيو آهي
اختلافن سبب چونڊيل ميمبرن جي اڪثريت ٽائون ڪاميٽي چيئرمين شپ تان اختلافن سبب چونڊجڻ بعد هڪ ڀيرو به ٽائون ڪاميٽي نه اچي سگهيا آهن
ذريعن مطابق اڳوڻي چيئرمين پرديپ اوجها پاران بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ لاءِ ڌڙا بندي شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري پرديپ اوجها چونڊيل ڪائونسلرن سميت بجيٽ جي اجلاس ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي پاران اڳوڻي ٽائون چيئرمين پرديپ اوجها کي چيئرمين مقرر ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا
پر ڊاڪٽر کٽو مل پاران پنهنجو اميدوار مخصوص سيٽ تي چيلهار ٽائون ڪاميٽي ۾ چيئرمين مقرر ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي