| چيلهار ۾ ويم لاءِ آيل ناري جو ٻار فوت: عملي تي لاپرواهي ۽ اعتراض جوڳيون تصويرون ڪڍڻ جو الزام |
مٺي (رپورٽر) چيلهار ۾ ويم لاءِ آيل ناري جو ٻار پيٽ ۾ فوت ٿي ويو، وارثن عملي تي لاپرواهي ۽ اعتراض جوڳيون تصويرون ڪڍڻ جو الزام هنيو. ڳوٺ جنجهيئر مان چيلهار بي ايڇ يو ۾ ويم لاءِ آيل ڳوٺاڻي وڪرم ميگهواڙ جي زال کي اسپتال انتظاميه 12 ڪلاڪ داخل رکڻ بعد اوچتو مٺي ڏانهن ريفر ڪيو۔ مٺي پهچڻ تائين ناري جي پيٽ ۾ ئي ٻار فوت ٿي ويو جيڪو مٺي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين نيڪال ڪري ناري جي زندگي بچائي ۔ جڏهن ته ناري جي مڙس وڪرم ميگهواڙ دانهيندي الزام هنيو آھي ته چيلهار اسپتال جي عملي 12 ڪلاڪن تائين ويم ڪرائڻ جا دلاسا ڏيئي پيٽ ۾ ٻار فوت ٿيڻ ۽ زال جي بي هوش ٿيڻ کانپوء ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مٺي ريفر ڪرڻ جو ليٽر ڏيئي اسانکي روانو ڪيو۔ هن چيو ته چيلهار اسپتال ۾ پي پي ايڇ آءِ جي عملي اوٽي ۾ منهنجي زال جون اعتراض جوڳيون تصويرون ۽ وڍيوز رڪارڊ ڪيون آھن اهڙي ڪريل حرڪت جون نوٽيس ورتو وڃي۔ هن چيو ته چيلهار بي ايڇ يو ۾ عورتن جي ويم جي ڪابه سهوليت نه هئي ته اسانکي 12 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ داخل ڪري ڪوڙا دلاسا ڇو ڏنا ويا؟ هن الزام هنيو ته پيٽ ۾ فوت ٿي ويل ٻار جي موت ۔ زال جي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ ۽ زال جون اعتراض جوڳيون وڍيوز موبائل ۾ رڪارڊ ڪرڻ جو ذميوار اسپتال تي مقرر عملو آھي۔ هن الزام هنيو ته اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ۾ ويم لاء ايندڙ عورتن جون اعتراض جوڳيون وڍيوز ٺاهڻ پي پي ايڇ آء جي اسپتال ۾ مقرر عملي جي وڏي بليڪ ميلنگ آھي انهن کي لغام ڪير ڏيندو؟ هن چيو ته مون پيش آيل واقعي ۽ بليڪ ميلنگ واري قصي کان اقليتي ايم پي ايز ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ ۽ سريندر ولاسائي کي به دانهن ڏني پر اسپتال انتظاميه طاقتور هجڻ ڪري ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو۔