چينين تي چٿر ٿي ڪرين؟ مس فن لينڊ کان تاج واپس 

چينين تي چٿر ٿي ڪرين؟ مس فن لينڊ کان تاج واپس 

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) فن لينڊ جي سونهن راڻي کي چينين مٿان چٿر مهانگي پئجي وئي، کانئس  مس فن لينڊ جو واپس ورتو ويو. 22سالن جي مس فن لينڊ سارہ ڊزافسي گذريل مهيني ٿائيلينڊ ۾ مس يونيورس جي مقابلي ۾ فن لينڊ جي نمائندگي ڪري چڪي هئي،سارہ سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي، جنهن ۾هن پنهنجون  اکيون چينين وانگر ٺاهي ڪيپشن ۾ “هڪ چيني ماڻهو سان کاڌو کائڻ.” لکيو هو، سارہ جي انهي پوسٽ تي جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ چين ۾ ردعمل پيدا ٿيو. جيتوڻيڪ هن معافي ورتي، پر سندس انهي عمل کي نا مناسب سمجهي تاج کسي ويو