| چينين روبوٽن کي به نچائي ڇڏيو: مداح حيران |
بيجنگ(ڪلچرل ڊيسڪ) چين ۾ ٿيل ڪنسرٽ ۾روبوٽس جي شاندار ڊانس پرفارمنس مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ چين سميت دنيا جا مختلف ملڪ روبوٽ ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري رهيا آهن، چين ۾ وري روبوٽ مختلف شعبن ۾ استعمال پڻ ٿي رهيا آهن. سوشل ميڊيا ۾ تازو وائرل ٿيل وڊيو ۾ 6 انساني شڪل وارا روبوٽ هڪ گاني تي پرفارم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڳائڻو پڻ روبوٽن سان گڏ ناچ ڪندي نظر اچي رهيو آهي.