تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

چيني حڪايتون … ترجمو: سومرو شبير

”آڱر”
شيائو فو
ھڪ غريب ماڻھو جي پراڻي دوست سان ملاقات ٿي وئي. سندس پراڻو دوست ديوتا بڻجي چڪو ھئو. حال احوال کان پوءِ غريب دوست غربت جو روئڻو رنو ته ديوتا ڇا ڪيو جو ھن جي حال تي رحم کائيندي روڊ تي پيل ھڪ سر ڏانھن آڱر جو اشارو ڪيو ته سر سون جي ٿي وئي. ديوتا اھا سر غريب دوست کي کڻي ڏني، پر غريب دوست مطمئن نه ٿيندي سر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.تڏھن ديوتا کيس ھڪ وڏو شينھن ڏنو پر غريب دوست اھو به نه ورتو. “آخر توکي ڇا گھرجي؟ ‘ ديوتا ھن کان پڇيو. غريب دوست کيس وراڻيو “تنھنجي آڱر… ‘.
“تعريف”
آئي زي وائي يوي
ھڪ امير ۽ ھڪ غريب پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رھيا ھئا. “مون وٽ ھڪ سو تولا سون آھي، جيڪڏھن توکي ويھه تولا سون ڏيان به ڇا تون منھنجي تعريف ڪندين؟ ‘ امير، غريب کي چيو“ ايتري گھٽ سون لاءِ مان تنھنجي تعريف نه ڪندم’ غريب ماڻھو، امير جي آڇ کي ٿڏيندي کيس وراڻي ڏني. اڌ سون ڏيانءِ ته؟…. ‘ تڏھن اسان جي حيثيت برابر ٿيندي، تنھنڪري مان تعريف نه ڪندم. ‘۽ جيڪڏھن سڄو سون ڏيانءِ ته..؟ ‘ سڄو سون مون وٽ اچي ويو ته مون کي تنھنجي تعريف ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. ‘
‘نادان’
چان يوان چينگ يوي
ھڪ نادان ڪنھن کان ٻڌو ته ناسپتي، ڏندن لاءِ مفيد آھي پر تري لاءِ نقصانڪار آھي. ۽ خارڪ تري لاءِ مفيد آھي پر ڏندن لاءِ نقصانڪار آھي. نادان دير تائين سوچيندو رھيو ۽ پوءِ نيٺ فيصلو ڪيائين: آئندہ مان ناسپتي رڳو چٻاڙيندم، اڳري نه ويندم، ۽ خارڪ ثابت اڳري ويندم، ‘
‘رحم دلي ‘
ڇنگ شي
ھڪ رحمدل کي ڪمي ھٿ اچي ويئي. ھن ڪمي کي شوروو ٺاھڻ جو سوچيو پر گڏوگڏ ھن اھو به نه پئي چاھيو ته ھن تي ڪنھن جيو کي مارڻ جو الزام لڳي. ھن ڇا ڪيو جو ھڪ ٿانءَ ۾ پاڻي کي اٻاريو، ان جي مٿان ھڪ ڏنڊي رکي ۽ ڪمي کي ان مٿان ويھاري چيو. ٿانءُ پار ڪري وئين ته توکي ڇڏي ڏيندم. ‘ڪمي ان ماڻھو جي ارادن کي ڄاڻي ورتو ھو، تنھن ھوندي به ھن مرڻ به نه پئي چاھيو سو ھن سڄي قوت گڏ ڪري ان ناممڪن ڪم کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. اھو ڏسي رحمدل چيو ڏاڍو سٺو….. ھڪ دفعو ٻيھر ٿي وڃي.؟..

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *