چيني شهري جي پيٽ مان ننڍپڻ ۾ ڳيهيل ٿرماميٽر ڪڍيو ويو

چيني شهري جي پيٽ مان ننڍپڻ ۾ ڳيهيل ٿرماميٽر ڪڍيو ويو

بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چيني شهري جي پيٽ مان ننڍپڻ ۾ ڳيهيل ٿرماميٽر ڪڍيو ويو، چين جي صوبي زي جيانگ جي شهر وينزو سان تعلق رکندڙ شخص جي پيٽ مان ورهين کانپوءِ ٿرماميٽر ڪڍيو ويو، 32 ورهين جو وانگ پيٽ ۾ سور سبب اسپتال ويو، جتي ڊاڪٽرن طبي معائنو ڪيو ته پيٽ ۾ ٿرماميٽر موجود هجڻ جو انڪشاف ٿيو، ڊاڪٽرز موجب چيني شهري جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي ڇو ته ٿرماميٽر جي چهنب آنڊن کي نقصان پهچائي رهي هئي، جنهن سان آنڊن ۾ سوراخ ٿيڻ ۽ رت وهڻ جو خطرو هو. ڊاڪٽرز موجب انتهائي احتياط سان صرف 20 منٽن ۾ آپريشن مڪمل ڪيو ويو، ڇو ته ٿرماميٽر ڪافي عرصي کان جسم جي اندرين حصي ۾ موجود هو، ڊاڪٽرز موجب ٿرماميٽر صحيح حالت ۾ مليو، ان تي موجود نمبر ڊهي ويا هئا.چيني شهري ٻڌايو ته 12 ورهين جي عمر ۾ غلطي سان  ٿرماميٽر ڳيهي ويو هو، والدين جي خوف کان نه ٻڌايو، ڪا تڪليف به نه ٿي هئي جنهن ڪري بعد ۾ والدين کي نه ٻڌايو.