ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ۽ سي ايم پاڪ (زونگ 5G) جي چيئرمين هو جنلي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت ڪراچي ۾ زونگ جي AI-ready ٽيئر-III ڊيٽا سينٽر جي قيام ۽ مستقبل ۾ توسيع تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ملاقات ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار جي پاڪستان جي تڪنيڪي صلاحيتن کي وڌائيندڙ اسٽريٽجڪ سيڙپڪارين کي ڀليڪار چوي ٿي،جيڪي ڪراچي کي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڊيٽا هوسٽنگ ۽ ڊجيٽل جدت لاءِ هڪ علائقائي مرڪز طور اڳيان آڻيندا. هن چيو سنڌ حڪومت هڪ AI-ready ٽيئر-III ڊيٽا سينٽر جي ترقي لاءِ سي ايم پاڪ سان شراڪتداري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙا پروجيڪٽ پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل جي تعمير ۽ اسان جي ٽيڪنالاجي خودمختياري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري آهن. چيني وفد ٻڌايو ته سي ايم پاڪ ايندڙ 10 سالن دوران 14 اربن جي سيڙپڪاري ڪندي، جنهن سان ڪل متوقع سيڙپڪاري 18 ارب رپين کان وڌي ويندي. هن چيو ته جديد AI-ready ڊيٽا سينٽرن کي روايتي ٽيليڪميونيڪيشن سهولتن جي مقابلي ۾ اڻ کٽ ۽ وڌيڪ بجلي جي ضرورت هوندي آهي. ساڳئي وقت صوبائي حڪومت بجلي جي ٽيرف کي ڪمرشل مان انڊسٽريل ڪيٽيگري ۾ تبديل ڪرائي،. وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جي اندر هر ممڪن سهولت فراهم ڪن. وفد چيو ته اهي پاڪستان ۾ 55 ملين کان وڌيڪ سبسڪرائيبرز کي خدمتون فراهم ڪن پيا، ملڪ ۾ 3 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري چڪا آهم. ڪمپني ملڪ ۾ پنهنجي 5G نيٽ ورڪ کي وڌائي رهي آهي