چيني ڪپمنين ۽ سنڌ سرڪار ۾ سيڙپڪاري تي اتفاق: 4رڪني ورڪنگ گروپ پڻ قائم    

چيني ڪپمنين ۽ سنڌ سرڪار ۾ سيڙپڪاري تي اتفاق: 4رڪني ورڪنگ گروپ پڻ قائم    

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيني ڪمپنين کي سنڌ جي ڊجيٽل معيشت، لاجسٽڪ، صنعتي پيداوار، قابل تجديد توانائي ۽ ايڪسپورٽ تي ٻڌل شعبن ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي علائقائي واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي مرڪز طور اڀري رهيو آهي، جتي عالمي سيڙپڪارن لاءِ وڏا موقعا موجود آهن. وزيراعليٰ هائوس ۾ آءِ بي آءِ (بيجنگ يونائيٽيڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني ليميٽڊ) جي 32 رڪني وفد ۽ چيني واپارين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته  سنڌ خاص طور تي ڪراچي شهر چيني سيڙپڪارن لاءِ بي مثال ڪنيڪٽيوٽي، صنعتي بنيادي ڍانچي ۽ مارڪيٽ تائين پهچ فراهم ڪري ٿو.  ڪراچي پاڪستان جو معاشي ۽ لاجسٽڪ گيٽ وي آهي، سنڌ هر وڏي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري کي ڀليڪار چوي ٿي. اسان ڪراچي کي ڊجيٽل واپار، سمارٽ لاجسٽڪ، صنعتي جدت ۽ برآمدات تي ٻڌل واڌ ويجهه لاءِ علائقائي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. ھن چيو ته سنڌ حڪومت پاليسي سپورٽ، انفراسٽرڪچر جي ترقي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ ڪاروبار ۾ آسانيءَ وارن قدمن ذريعي چيني ڪمپنين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وڏي وزير اسپيشل اڪنامڪ زونز، صنعتي ڊجيٽلائيزيشن، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائل جي پيداوار، پيٽرو ڪيميڪلز، ويئر هائوسنگ ۽ سمارٽ سپلاءِ چين سسٽم ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان رڳو سيڙپڪاري نه پر ٽيڪنالاجي جي منتقلي، صنعتي جديديت ۽ سنڌ جي عوام لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ملاقات ۾ آءِ بي آءِ ۽ ان سان لاڳاپيل ڪمپنين جي سربراهن پنهنجي عالمي ڪاروباري عملن بابت آگاهي ڏيندي سنڌ ۾ شراڪتداري ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هنن ٻڌايو ته بيجنگ تي ٻڌل سندن ڪمپني چين جي وڏي صنعتي انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل سپلاءِ چين ادارن مان هڪ آهي، جيڪا 100 کان وڌيڪ صنعتي شعبن ۾ صنعتي اي ڪامرس، لاجسٽڪ ۽ اي آءِ  تي ٻڌل پليٽ فارم هلائي رهي آهي. وفد ڪراچي ۾ پورٽ سان لاڳاپيل صنعتي زونز جي چوڌاري ڊجيٽل واپار جا پليٽ فارم، سمارٽ ويئر هائوس سسٽم، لاجسٽڪ پارڪ ۽ ايڪسپورٽ سهولت مرڪز قائم ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ بي آءِ سمارٽ لاجسٽڪ جي نمائندن ڪراچي پورٽ ۽ صنعتي اسٽيٽس سان ڳنڍيل جديد لاجسٽڪ پارڪ، ڪولڊ چين سسٽم ۽ انٽيليجنٽ ويئر هائوسنگ انفراسٽرڪچر جي موقعن جو جائزو ورتو. ڪيميڪل ۽ صنعتي مواد ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين پڻ پيٽرو ڪيميڪل تعاون، خام مال جي فراهمي ۽ سنڌ جي صنعتي زونز ۾ پيداواري سهولتن ۾ سيڙپڪاري تي بحث ڪيو.  ٽيڪسٽائل ۽ واپاري ڪمپنين جي سربراهن گارمينٽس جي پيداوار، چين ڏانهن ٽيڪسٽائل جي ايڪسپورٽ ۽ چيني ٽيڪسٽائل يونٽن جي سنڌ ۾ منتقلي لاءِ گڏيل منصوبن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. مشينري، ڪيبلز، تعميراتي مواد ۽ صنعتي سامان سان لاڳاپيل ڪمپنين اسيمبلي پلانٽس، انفراسٽرڪچر سپورٽ انڊسٽريز ۽ سنڌ جي وڏن ترقياتي منصوبن ۾ شرڪت جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. توانائي واري شعبي جي ڪمپنين قابل تجديد توانائي جي منصوبن، صنعتي پاور سسٽم ۽ سولر انرجي  ۾ تعاون جو جائزو ورتو. وڏي وزير سيڙپڪاري کي هدايت ڪئي ته اهي چيني وفد سان ويجهو رابطو رکن ، فالو اپ گڏجاڻين، صنعتي دورن ۽ منصوبن جي فيزيبلٽي ۾ سهولت فراهم ڪن. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي زونز ۽ اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ موزون هنڌن جي نشاندهي ڪن ته جيئن چيني ڪمپنيون پنهنجا پيداواري، لاجسٽڪ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جا منصوبا شروع ڪري سگهن. گڏجاڻي ۾ وڏي وزير ۽ چيني سيڙپڪارن سيڙپڪاري جي موقعن تي وڌيڪ هم آهنگي لاءِ ورڪنگ گروپ پڻ قائم ڪيو. جنهن ۾ سنڌ سيڙپڪاري کاتي ۽ آءِ بي آءِ جا2، 2  نمائندا شامل هوندا، گڏجاڻي ۾ طئه ڪيو ويو ته بزنس ٽو بزنس لاڳاپن، فيزيبلٽي اسٽڊيز، لاجسٽڪ تعاون ۽ ڊجيٽل واپار، ويئر هائوسنگ، صنعتي ڊجيٽلائيزيشن ۽ پيداواري سيڙپڪاري جي شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن ( ايم او يو) بابت صحيحون ڪيون وينديون.