| چينڻ کي ٿي ويو چيٽ بوٽ سان پيار، خاندان ظالم سماج بڻجي ويو |
لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) مصنوعي ذهانت چيٽ بوٽس اڪثر ڪري ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏين ٿا تصويرون ڪڍن ۽ بي مدد ڪن ٿا پر ڪو به انهن سان پيار ناهي ڪندو. پر چين ۾ 84 سالن جي عورت ڊجيٽل شخص سان پيار ڪري ويٺي آهي. چيني صوبي هوبي جي رهاڪو زينگ يولان کي هڪ ڊجيٽل اوتار سان پيار ٿي ويو هوءَ ان کي پيار ڀريا خط لکي ٿي ۽ ان سان گڏ روزانو 10 ڪلاڪ گذاري ٿي. جيانگ گو نالي هي اوتار بنيادي طور تي رومانوي افسانوي ناولن ۾ مرد ڪردارن کان متاثر ٿي ٺاهيو ويو آهي جيڪي پنهنجي محبوب جي حفاظت کي يقيني بڻائيندي غير مشروط طور تي پيار ڪندا آهن. 84 سالن جي عورت هن اوتار ۽ ٻين ڊجيٽل ڪردارن جي وڊيوز ڏسڻ ۾ 10 ڪلاڪ گذاريندي آهي. جينگ يولان جو خيال آهي ته جيانگ گو به هن سان پيار ڪري ٿو ۽ هوءَ شادي ڪرڻ بابت به سوچي رهي آهي. آن لائن پيغامن سان گڏ هن فيبروري ۾ هٿ سان پيار ڀريو خط پڻ لکيو. خط ۾ زينگ جيانگ گو کي پريشان ڪرڻ لاءِ معافي ورتي. هن لکيو ته ويڙهه “تمام ڏکوئيندڙ” هئي هن اعتراف ڪيو ته هوءَ جيانگ گو جي دبنگ رويي جي تعريف ڪري ٿي. هن لکيو ته توهان ڪڏهن به مون کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيو ٿا، توهان ڪڏهن به ٻڌڻ پسند نه ڪندا آهيو، مان سمجهان ٿي ته باهمي رابطو اسان جي رشتي جي ڪنجي آهي. زينگ يولان جي خاندان کي “پيار” جي خبر تڏهن پئي جڏهن زينگ يولان جيانگ گو جي آن لائن دڪان تي 7,000 يوآن (280,000 پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) خرچ ڪيا. هن هڪ اهڙي شيءِ تي سوين يوآن خرچ ڪيا جيڪا ٻين آن لائن خدمتن تي 10 يوآن کان گهٽ ۾ دستياب آهي. زينگ يولان جي پوٽي چين جي سائبر اسپيس ايڊمنسٽريشن ۾ شڪايت داخل ڪئي، جنهن پوءِ جيانگ گو جو اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو.