| چين آمريڪا کي اهم معدنيات جي وڪري تي پابندي ختم ڪري ڇڏي |
بيجنگ(م ڊ) چين آمريڪا کي ناياب زميني معدنيات جي وڪري تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي. جيڪا لاڳو ٿي وئي آهي ۽ هڪ سال تائين رهندي. پهرئين مرحلي ۾، گيليم، جرمينيم، اينٽيموني ۽ سپر هارڊ مواد سان لاڳاپيل ٻٽي استعمال جي شين جي ايسڪپورٽ تي پابندي معطل ڪئي وئي.