چين اسرائيل سان تڪرار جي حل لاءِ فلسطين جي حمايت ڪندو

جُون 14, 2023

بيجنگ (م ڊ) چين ۽ فلسطين جي صدرن وچ ۾ ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽيجڪ پارٽنرشپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن جي تفصيل جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

عالمي خابرو اداري مطابق فلسطين اٿارٽي جو صدر چين جي 5 ڏينهن جي دوري تي بيجنگ پهتو جتي سندس استقبال ڪيو ويو. عظيم حال آف دي پيپلز جي استقباليه تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ يادداشت تي صحيحون ڪيون،

 ملاقات دوران صدر شي جب پنگ پنهنجي هم منصب محمود عباد کي يقين ڏياريو ته اهي اسرائيل سان تڪرار جي جلدي، منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ فلسطين سان تعاون ڪندا. ان موقعي تي صدر شي جن پنگ پڻ فلسطين سان دوستي ۽ تعاون کي سڀني شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

 چيني صدر وڌيڪ چيو ته اڄ اسان گڏيل طور تي چين-فلسطين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي قيام جو اعلان ڪنداسين، جيڪو ٻه طرفي لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل هوندو. ياد رهي ته گذريل هفتي هڪ پريس بريفنگ ۾ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ ونبن فلسطيني اڳواڻ عباس کي چيني عوام جو پراڻو ۽ سٺو دوست قرار ڏنو هو.

ان کان اڳ چيني صدر ڊسمبر ۾ سعودي عرب جو دورو ڪيو هو جتي هن فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي ۽ فلسطيني مسئلي جي فوري، منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو.

Leave A Comment