| چين ايران کان تيل خريدڻ جي ڪوشش پيو ڪري: بلومبرگ |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ميڊيا اداري بلومبرگ دعويٰ ڪئي آھي تھ چين جي حڪومت آمريڪا پاران ايران جي تيل تي ھڪ مھيني جي پابندي ختم ڪرڻ کانپوءِ ايران کان تيل خريد ڪرڻ لاءِ معاهدي جي ڪوشش ڪري رھي آھي آمريڪي ميڊيا آئوٽليٽ اهو پڻ ٻڌايو ته نيشنل ايرانين آئل ڪمپني جا نمائندا ۽ واپاري جيڪي دلال طور ڪم ڪن ٿا چين ۽ ٻين ايشيائي منڊين ۾ خريدار ڳولھي رھيا آھن. آمريڪي ڇوٽ سان تيل مارڪيٽ ۾ تقريبن 140 ملين بيرل ڪچو تيل شامل ٿيڻ جو اندازو آھي جنگ کان اڳ چين ايران جي تيل جو مکيه خريدار هو، جيڪو ڪل سپلاءِ جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ خريد ڪندو هو. چين گذريل سال سراسري طور تي 1.38 ملين بيرل روزانو ايراني تيل خريد ڪيو. اهو سمنڊ ذريعي درآمد ڪيل ڪل 10.27 ملين بيرل تيل جو تقريباً 13.4 سيڪڙو هو.