چين جو ٻارڙو راند کيڏڻ جي عمر ۾ انجنيئر بڻجي ويو

چين جو ٻارڙو راند کيڏڻ جي عمر ۾ انجنيئر بڻجي ويو

شنگهائي (انٽريسٽنگ نيوز) عام طور تي، 14 سالن جي عمر ۾ ٻار گهڻو ڪري وڊيو گيمز يا ٻين راندين تي ڌيان ڏيندا آهن پر چين ۾ هڪ 14 سالن جو ڇوڪرو، ڪيو جيانگ پنگ جهازن سان پيار ڪندو آهي ۽ هن تمام ننڍي عمر ۾ هوائي جهاز بابت پڙهڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي پنهنجي هٿن سان هڪ ڪم ڪندڙ ٽربوجيٽ انجڻ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ڪيو جيانگ پنگ اسڪول جي شروعات کان ئي ڪاغذ جي جهازن سان کيڏڻ ۾ دلچسپي رکندو هو ۽ ڪاغذ جي بال ۽ هٿ سان ڪاغذ جي جهاز کي اڇلائڻ ۾ فرق ڄاڻندو هو. هو تجسس ۾ هو ته هي ڪاغذ جو جهاز هوا ۾ ڇو ترندو آهي ۽ پوءِ هن پنهنجي گهر ۾ اهڙن ڪاغذن جي جهازن لاءِ هڪ تجرباتي ليبارٽري قائم ڪئي، پر اها صرف شروعات هئي. سندس والدين جي مطابق چي جيانگ پنگ هڪ ڀيرو ڏينهن ۾ 3 ڪلاڪ هوائي جهاز تي سائنس جي ڪتابن کي پڙهڻ جو واعدو ڪيو ۽ ٽئين درجي ۾ هن ايروڊائنامڪس ۽ ٻيون شيون سکڻ شروع ڪيون. هن پيچيده سافٽ ويئر جهڙوڪ ڪمپيوٽر جي مدد سان ڊيزائن تي ڪم ڪرڻ به شروع ڪيو. جڏهن هن آن لائن وڊيوز ڏٺيون، تڏهن هن پاڻ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هڪ ننڍڙي فنڪشنل جيٽ انجڻ ٺاهي ورتي. چي جيانگ پنگ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪجهه ماڻهن آن لائن بليو پرنٽ پوسٽ ڪيا پر جيڪڏهن مان ان کي سڌو سنئون ڪاپي ڪريان ته اهو بيڪار هو خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪرڻ شروع ڪئي، ڪمپيوٽر جي مدد سان ڊيزائن ۾ 2D ڊرائنگ ٺاهڻ، سولڊ ورڪس ۾ 3D ماڊل ٺاهڻ، هوا جي وهڪري، گرمي پد ۽ ٻين پهلوئن جو تجزيو ڪرڻ سکيس 6 مهينن ۾ پروٽوٽائپ انجڻ تيار ڪيم، ان جي ٽيسٽ ناڪام ٿي پر مون ڪجهه نئون سکيو ۽ ٻيهر انجن ٺاهڻ لاءِ پرعزم ٿي ويس. هاڻي هو هڪ نئين ۽ بهتر فنڪشنل ٽربو جيٽ انجن تيار ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.