چين جي انرجي ٽيڪنالاجي گروپ پاران پاڪستان ۾ توانائي واري شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان

چين جي انرجي ٽيڪنالاجي گروپ پاران پاڪستان ۾ توانائي واري شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي توانائي شعبي ۾ اهم عالمي اڳڀرائي، چيني ڪمپني انرجي ٽيڪنالاجي گروپ توانائي شعبي ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو۔ ماحول دوست، ڊگهي مدي واري ۽ جديد انرجي اسٽوريج ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هن منصوبي کي اسٽرٽيجڪ بريڪ ٿرو قرار ڏنو پيو وڃي۔ تفصيل موجب چين جي عالمي شهرت يافته توانائي ۽ ٽيڪنالاجي گروپ پاڪستان ۾ جديد ليٿيم بيٽريون، سولر انرجي اسٽوريج ۽ پاور بيڪ اپ سسٽمز متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن۔ ماهرن پاران انرجي اسٽوريج ماڊيول بيٽرين جي درآمد به شروع ڪئي وئي آهي، جنهن سان سج ۽ هوا مان پيدا ٿيندڙ بجلي کي محفوظ ڪرڻ ممڪن ٿيندو۔ هي ٽيڪنالاجي نه رڳو لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي ضايع ٿيڻ ۾ گهٽتائي آڻيندي، پر درآمدي ٻارڻ تي دارومدار به گهٽ ڪندي ۽ گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ نمايان گهٽتائي جو سبب بڻجندي۔ ڪامرس بابت پارلياماني سيڪريٽري ذوالفقار علي ڀٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق چيني ڪمپني جي ويزن 28/2027 تحت پاڪستان ۾ جديد پيداواري يونٽس قائم ڪيا ويندا، جنهن ۾ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر، مقامي تربيت ۽ هزارين ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا۔