| چين جي بيماري پروف عورت 50 سالن کان اسپتال نه وئي |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ اهڙي عورت به رهي ٿي جنهن کي بيماري پروف سڏي سگهجي ٿو. اوڀر چين سان واسطو رکندڙ 102 سال عمر واري عورت انٽرنيٽ تي وائرل ٿي هي جنهن جو سبب ان عورت جي منفرد رهڻي ڪهڻي آهي. عورت جن بائو لينگ جو واسطو چين جي صوبي زهيجيان جي علائقي تائيزهو سان آهي ۽ هوپنهنجي علائقي جي سڀ کان وڏي ڄمار رکندڙ ۽ خوش مزاج شخصيت آهي. 102 سالن جي ڄمار ۾ به هوءَ ذهني طور تي وڌيڪ چست آهي جسماني طور تي به سندس حالت مثالي آهي ۽ کيس 50 سالن کان اسپتال وڃڻ جي ضرورت نه پئي آهي هوءَ صبح جو 9 وڳي ننڊ مان اٿندي آهي وهنجي سهنجي تيار ٿي سج جي روشني ۾ ويهندي آهي شام جو 7 وڳي سمهي رهندي آهي سڄي ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ٿوري وقت لاءِ ننڊ ڪندي آهي. جن بائو جي پٽ هو هوامي جو چوڻ آهي ته سندس امڙ ڏينهن ۾ 15 ڪلاڪ سمهندي آهي هوءِ منجهند ۽ رات جي ماني ۾ سيويون (نوڊلز) يا چانور کائيندي آهي گوشت کائڻ وڻندو اٿس ڪيڪ کائيندي ۽ چانهه به پيئندي آهي جن ۾ ڪچي کنڊ يا کجور استعمال ڪندي آهي روز رات جو 2 آنا ۽ 3 نارنگيون کائيندي آهي. هلڻ ۾ سهاري جي ضرورت پوندي اٿس پر نظر اڃا به چٽي اٿس سلائي به ڪندي آهي.