چين سان دواسازي شعبي ۾ 44 ڪروڙ ڊالرن جا 9 معاهدا: چيني شهرين جو تحفظ ڪبو: وزيراعظم

چين سان دواسازي شعبي ۾ 44 ڪروڙ ڊالرن جا 9 معاهدا: چيني شهرين جو تحفظ ڪبو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي نجي ڪمپنين وچ ۾ دواسازي جي شعبي ۾ 44 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ ماليت وارن 9 معاهدن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي نجي ڪمپنين جي گڏيل سهڪار سان پاڪستان ۾ دواسازي جي صنعت کي هٿي ملندي. اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ چين جي دواسازي ڪمپنين جي بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چيني شهرين جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي، چين پاڪستان جو قابل اعتماد ۽ مخلص دوست آهي، هن چيو ته خطي ۾ تازي بحران نه صرف هن خطي پر پوري دنيا کي متاثر ڪيو، پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، فيلڊ مارشل جون ڪوششون تاريخ ۾ سدائين ياد رکيون وينديون. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاونن، اعليٰ سرڪاري عملدارن، پاڪستان ۾ چين جي سفير ۽ ٻنهي ملڪن جي دواسازي ڪمپنين جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس دوران پاڪستان ۽ چين جي نجي شعبي وچ ۾ 44 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جا 9 معاهدا ڪيا ويا، جن ۾ ويڪسين جي مقامي پيداوار، بايو ٽيڪنالاجي، دوائن جي تياري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، هيپاٽائيٽس کان بچاءُ ۽ حفاظتي ٽيڪن جي قومي پروگرام ۾ سهڪار وارا معاهدا شامل آهن.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين وچ ۾ ٿيل 9 معاهدن سان ويڪسين جي تياري، دوائن جي مقامي پيداوار، بايو ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ ترقي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ نوان موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي پهرئين مرحلي تحت پاڪستان ۾ 30 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري آئي، پاڪستان، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن ۾ چين سميت دوست ملڪن ڀرپور سهڪار ڪيو. هن چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۾ پاڪستان ثالث طور شامل آهي.