| چين عرب ملڪن تي حملن جي مذمت ڪري ڇڏي |
بيجنگ (م ڊ) چين بھ ايران جي عرب ملڪن تي ڪيل حملن جي مخالفت ڪري ڇڏي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گو جياڪون چيو ته چين نار جي ملڪن تي ڪيل حملن سان اتفاق نٿو ڪري ۽ عام ماڻهن ۽ غير فوجي هنڌن تي حملن جي مذمت ڪري ٿو. نيوز بريفنگ ۾ ھن ايران جو نالو وٺڻ کان سواءِ انهن حملن تي تنقيد ڪئي جيڪي شهري آبادي ۽ انفراسٽرڪچر کي تباھھ ڪري رهيا آهن.