چين ۽ ترڪي پاران ٽياڪڙي جي آڇ: ايران دهشتگردي جو وڏو اسپانسر آهي، مُڙي وڃي: آمريڪا

جنوري 19, 2024

واشنگٽن / بيجنگ/ عنقره(م ڊ) چين ۽ ترڪي پاڪ-ايران ڇڪتاڻ تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي آحي. ان ڏس ۾  چين جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ايران طرفان پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ حملي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ڪنهن به اهڙي قدم کان پاسو ڪن جنهن سان حالتون وڌيڪ سنگيني طرف وڃن. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ مقرر چيني قونصلر جنرل يانگ يوڊونگ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي ٻنهي ملڪن کي صبر کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. يانگ يوڊونگ چيو ته پاڪستان ۽ ايران خطي ۽ مسلم دنيا جا ٻه اهم ملڪن آهن، پاڪ-ايران اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا، اسان ٻنهي ملڪن ه اختلافن تي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪيون ٿا. ٻئي پاسي آمريڪا ايراني حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ان ڏس ۾ آمريڪا، ايران طرفان پاڪستاني علائقي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ايران ٽن پاڙيسري ملڪن جي خودمختيار سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ايران خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو اسپانسر آهي ۽ ايران جي ڪري ئي آمريڪا عراق ۾ موجود آهي. مختلف ملڪن ۾ دهشتگرد ڪارروائين کان پاسو ڪري.

Leave A Comment