چين ۽ پاڪستان ۾ ڪراچي لاءِ سامونڊي پاڻي کي مٺو ڪرڻ سميت 3 ايم او يوز صحيح  ٿي ويا

چين ۽ پاڪستان ۾ ڪراچي لاءِ سامونڊي پاڻي کي مٺو ڪرڻ سميت 3 ايم او يوز صحيح  ٿي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چين ۽ پاڪستان ۾ ڪراچي لاءِ سامونڊي پاڻي کي مٺو ڪرڻ سميت  3 ايم او يوز صحيح ڪيا ويا،  چين جي شهر چانگشا ۾ صدر آصف علي زرداري جي موجودگي ۾ سامونڊي پاڻي کي قابل استعمال بڻائڻ جي معاهدي تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ لڪسين انوائرمينٽل ٽيڪنالاجي گروپ يو هوئي جي چيئرمين صحيحون ڪيون. جڏهن ته زرعي ٽيڪنالاجي تعاون واري معاهدي تي شرجيل انعام ميمڻ ۽ لانگ پن هاءِ ٽيڪ انفارميشن ڪامپني جي چيئرمين چن زيشين صحيحون ڪيون. چانهه جي شعبي سان لاڳاپيل معاهدي تي پاڪستان طرفان سينيٽر سليم مانڊوي والا جڏهن ته چيني ڪمپنين طرفان زو چونگ وانگ ۽ هائو جياولونگ صحيحون ڪيون. انهن معاهدن جو مقصد پاڻي، زراعت، واپار ۽ ٻطرفي سھڪار کي  ھٿي ڏيڻ آهي. مفاھمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٿيل معاهدا مختلف شعبن جي ترقي لاءِ تمام اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا، انهي سان سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪندا، جڏهن ته ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ صنعتي سھڪار کي ھٿي ملندي . شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر جي پاڻي جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سمنڊ جي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جا منصوبا وقت جي ضرورت آهي. جديد ٽيڪنالاجي ذريعي شهرين کي واڌو پاڻي فراهم ڪري سگهجي ٿو، جيڪو مستقبل ۾ پاڻي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت شهري مسئلن کي مستقل طور تي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي، عالمي معيار جي ڪمپنين سان سھڪار  انهي ويزن جو حصو آهي، هي منصوبو ڪراچي جي بنيادي ڍانچي ۽ شهري سهولتن کي بهتر بڻائيندو، ۽ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پڻ پيدا ڪندو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي مڪاني کاتي ۽ چيني ڪمپني وچ ۾ زرعي ٽيڪنالاجي واري شعبي ۾ سھڪار سنڌ جي معيشت لاءِ تمام سٺي ڳالھھ آهي، سنڌ هڪ زرعي طور تي زرخيز صوبو آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان في ايڪڙ پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿي سگهي ٿو، هي معاهدو هارين کي جديد تحقيق، بهتر ٻج، سمارٽ فارمنگ سسٽم ۽ جديد زرعي طريقن تائين رسائي فراهم ڪندو. تقريب ۾ سنڌ جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص معاون قاسم نويد قمر، سنڌ جي چيف سيڪريٽري ، علي حسن بروهي ۽ چين ۾ پاڪستاني سفير خليل هاشمي پڻ موجود هئا.