| چين ۾ آپريشن دوران همراهه جي پيٽ مان 30 سال پراڻو لائٽر هٿ |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ مريض جي پيٽ مان هڪ لائٽر ڪڍيو ويو، جيڪو گذريل 30 سالن کان سندس پيٽ ۾ موجود هو، ايمرجنسي گيسٽرو اسڪوپي دوران ڊاڪٽرن کي پيٽ ۾ هڪ اهڙي شيءِ ملي جنهن جي بناوت پيٽ جي تيزاب کان متاثر ٿي هئي.شروعات ۾ شيءِ کي ڪڍڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون، پر ان جي لڪل مٿاڇري جي ڪري آپريشن ڪامياب نه ٿيو، جڏهن مريض کان شيءِ بابت پڇيو ويو، ته هن 1990 جي شروعات ۾ هڪ واقعو ياد ڪيو جڏهن هن نشي ۾ هڪ پلاسٽڪ لائٽر ڳهي ڇڏيو هو، مريض ڪڏهن به پنهنجي خاندان کي ان بابت نه ٻڌايو هن کي ياد آيو ته هن گذريل سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا پيٽ ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي، پر هن کي ڪڏهن به اهو خيال نه آيو ته سبب اهو ساڳيو لائٽر ٿي سگهي ٿو جيڪو هن ڏهاڪا اڳ ڳهي ڇڏيو آهي، تصديق ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن خاص طريقن سان ان کي پيٽ مان ڪاميابي سان ڪڍيو. جيتوڻيڪ لائٽر جو ٻاهريون حصو پيٽ جي تيزاب جي ڪري خراب ٿي چڪو هو، پر حيرت انگيز طور تي ان ۾ گئس هئي ۽ اڃا تائين ڪم ڪرڻ جي قابل هئي، جنهن تي ڊاڪٽر به حيران ٿي ويا.