| چين ۾ بنا نڪاح گڏ رهڻ ۽ حمل تي ڳرا ڏنڊ مقرر |
بيجنگ(انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ صوبي کان ٻاهر شادي ڪرڻ، بنا نڪاح گڏ رهڻ ۽ حمل تي ڳرا ڏنڊ مقرر ڪيا ويا، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي شهر لنڪانگ جي ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن پنهنجو قانون ٺاهي ڇڏيو، ڳوٺاڻي انتظاميا هڪ نوٽيس جاري ڪري صوبي کان ٻاهر شادي ڪرڻ، بنا نڪاح گڏ رهڻ ۽ حمل تي ڳرا ڏنڊ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب صوبي کان ٻاهر شادي ڪرڻ تي 60 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو گهوٽ کي ڀرڻو پوندو جڏهن ته بنا شادي حاملا ٿيڻ تي عورت تي هڪ لک 20 هزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي. نڪاح کانسواءِ گڏ رهندڙ جوڙو هر سال 20 هزار ڏنڊ ڀريندو جڏهن ته شادي بعد 10 مهينن کان اڳ ٻار ٿيڻ تي هڪ لک 20 هزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي کي ڀرڻو پوندو. ٻئي پاسي سماجي حلقن پاران فيصلو غيرمنصفاڻو ۽ غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل پوسٽ ۾ ڳوٺاڻي انتظاميا جي ان فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.