| چين ۾ نينگر نمائش ۾ لکين ڊالرن جو سونو تاج ٽوڙي ڇڏيو |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ نينگر نمائش ۾ لکين ڊالرن جو سونو تاج ٽوڙي ڇڏيو . وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين ۾ منعقد ٿيل هڪ نمائش ۾ انوکو واقعو پيش آيو. هڪ نينگر والدين سان گڏ نمائش ڏسڻ آيو هو ۽ غير ارادي طور نمائش ۾ رکيل هڪ قيمتي سون جي تاج سان ٽڪرائجي ويو جنهن سبب اهو ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ موجب گولڊن فينڪس ڪرائون جو وزن 2 ڪلو ۽ ماليت 2 لک 80 هزار ڊالر هئي. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ نينگر جي اوچتو تڪرائجڻ سان سونو تاج ڪرڻ بعد ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو ، ان حوالي سان زينگ ڪائيي نالي هڪ عورت جو چوڻ آهي ته اهو سونو تاج منهنجي مڙس مونکي شادي جي تحفي طور ڏيڻ لاءِ ٺهرايو هو. هن چيو ته سونو تاج ٽٽڻ سبب کيس تمام گهڻي مايوسي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو منهنجي مڙس جي محبت جي نشاني هو.