| چين ۾ ڪرپشن ڪندڙ ٻن اڳوڻن بچاءُ وزيرن کي موت جي سزا |
بيجنگ (م ڊ) چين ۾ ٻن اڳوڻن بچاءُ وزيرن وي فينگهي ۽ لي شنگفو کي ڪرپشن جي الزام ۾ ٻن سالن جي رعايت سان موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. هن کان اڳ پيپلز لبريشن آرمي جي هڪ اعليٰ جنرل زانگ يوڪسيا کي هٽايو ويو. هو پولٽ بيورو جو ميمبر هو ۽ ڊگهي عرصي تائين شي جن پنگ جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو. چين جي سرڪاري نشرياتي اداري شنهوا جي رپورٽن موجب لي شنگفو تي وڏي رقم رشوت طور وٺڻ ۽ ٻين کي رشوت ڏيڻ جو الزام هو. جاچ ۾ اهو به معلوم ٿيو ته هو سياسي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ۽ پنهنجي ۽ ٻين لاءِ ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وي فينگهي تي وڏي رقم رشوت طور وٺڻ ۽ عملي مقررين ۾ ٻين کي غير مناسب فائدا پهچائڻ جو الزام لڳايو ويو.