چيو ويو ته جي ڊي اي ختم۽ زرداري سان ٺاهه ڪر نه ته هڪ به سيٽ نه ملندي، ٻئي سيٽون فوج کي موٽايون ٿا: پاڳارو

فيبروري 13, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي سربراھ ڱ تازو ٿيل عام چونڊن کي اينٽي اسٽيٽ اليڪشن قرار ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس 3 مھينا اڳ چيو ويو ھو ته جي ڊي اي ختم ڪري فنڪشنل ليگ بحال ڪريان  ۽ زرداري سان ٺاھه ڪريان نه ته ھڪ به سيٽ نه ملندي، انھن کي سڄي سنڌ زرداري کي ڏيڻي ھئي ته جيڪي اسان وٽ 2 سيٽون آھن اھي به ڇو ھجن، اھي ٻئي ميمبر حلف نه کڻندا، اسان ٻئي سيٽون پاڻ وٽ رکي فوج کي ڇو ناراض ڪريون؟   اسان قانون ۽ آئين جي حدن ۾ رهي 16 فيبروري تي حيدرآباد باء پاس تي ڌرڻو ھڻنداسين، ڪالهه هتي جي ڊي اي جي سربراهي اجلاس کانپوء پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اينٽي اسٽيبلشمينٽ ناهيون، عزت ۽ انصاف نه مليو ته پر امن احتجاج ڪرڻ جو اسانکي حق آهي،  هن چيو ته باجوه ( اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرف اشارو) ويندي ويندي پينڊورا باڪس کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته بنگلاديش سياستدانن ٺاھيو، جنهن تي ڪنهن سياستدان نه ڳالهايو، آئون چوان ٿو ان وقت صدر (جنرل يحييٰ خان ) به فوج جو ھو، حڪومت فوج جي ھئي، انھي جي انڪوائري ٿيڻ گھرجي. مجيب الرحمان وٽ 160 ۽ ڀٽو وٽ 81 سيٽون هيون پرحڪومت 81 سيٽن واري کي ڏني وئي،  پوءَ ان جو حال ڏٺوسين، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سکر مان اليڪشن نه کٽيو، بينظير به پنجاب مان اليڪشن کٽي آئي ھئي، موجوده  اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اھو آر اوز جو ڪم ناھي، ھي اينٽي اسٽيٽ اليڪشن آھي. هن چيو ته ڪنهن دوست مونکي چيو ته جي ڊي اي ختم ڪريو،  پنهنجي فنڪشنل ليگ تان وڙھو،  ٻه کان 3 ايم اين اي جون سيٽون ملي وينديون پر مون چيو ته مون تي  دوستن اعتماد ڪيو آھي، جي ڊي اي ختم نه ڪندس، مون کي زرداري سان گڏجي الائنس ڪرڻ جو به چيو ويو، اهو به چيو ويو ته زرداري سان ٺاهه ڪرڻ سان اوهان کي اڳ واريون سيٽون ملي وينديون، جيڪڏهن ائين نه ڪندا ته پوءِ  ايم ڪيو ايم کي 15 پلس سيٽون ملڻيون آھن ۽ اوھان ھارائڻ لاء تيار آھيو؟ اهو فارمولو 3 مهينا اڳ طئه ٿيل هو، ان جا نتيجا اچي ويا،  ھاڻي اھي ڪيئن هلي سگهندا ؟  پير پاڳاري چيو ته جي ڊي اي ٻه صوبائي سيٽون ڇو رکي؟ فوج کي ناراض نه ٿا ڪري سگهون،  عوام جو گهڻو پريشر آهي ته احتجاج ڪيو وڃي، پر امن احتجاج اسان جو حق آهي، اسان قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ٿا چاهيون، اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي بابت سوال جي جواب ۾ پير پاڳاري چيو ته پيءُ کان پٽ ناراض ٿيندو آهي ته گهر ئي ڇڏي ويندو آهي. هن چيو ته  عمران خان نه منهنجو رشتيدار  آھي  ۽ نه ڪو مائٽ آھي پر نوجوانن ھمت ڪئي، انھـن کي اندازو ئي نه ھو ته عمران خان کي ووٽ ملندو ؟ پي ٽي آءِ جي کٽي اچڻ بعد ھاڻي ڏسون ته اھي ڪيڏانهن ٿا وڃن؟  هن چيو ته جيڪو ڀٽو ۽ بينظير نه ڪري سگهيا، اهو ڪم  زرداري ڪري ڏيکاريو آهي، هاڻي اسان تي نوان ڪيس ٺھندا. اسين منهن ڏيڻ لاء تيار آھيون، هن چيو ته 16 تاريخ واري ڌرڻي ۾ قانون  ھٿ نه کڻنداسين، ڪنهن به ايمبولنس کي نه روڪينداسين، عورتن ۽ ٻارن کي نه روڪينداسين، پر امن احتجاج ڪنداسين ـ  ھن چيو ته جھانگير ترين سان منهنجي رشتيداري ۽ دوستي به آھي،  مون  کيس چيو ھو ته سياست ۾ تنهنجو مستقبل ناھي، اھي پئسا ڪاروبار تي خرچ ڪر  ته ٻيڻا ڪمائيندين پر ھو مجبوري ۾ سياست ۾ آيو هو ۽ چڱو ٿيو جو سياست ڇڏي ڏنائين ـ جي ڊي اي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته احتجاج ۽ اڳتي جي حڪمت عملي بابت  3 ڪاميٽيون ليگل ڪاميٽي،  ميڊيا ڪاميٽي ۽ ٻين جماعتن سان رابطن لاءِ ڪاميٽي ٺاهي آهي، اسان  ڪارڪنن تي داخل ڪيسن جا تفصيل وٺي رھيا آھيون، ميڊيا اسان طرف به توجهه ڏئي.  هن چيو ته اسان اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪريون ٿا، جيستائين اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪري نئين اليڪشن نه ٿي ڪرائي وڃي، اسان جو احتجاج جاري  رهندو، اسانجي تحريڪ آئيني ۽ قانوني ھوندي.  جنهن ڏينهن اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو، لکين ماڻهو ڪراچي ۾ اچي انھي جعلي اسيمبلي  آڏو احتجاج ڪندا،  جعلي مينڊيٽ کڻي ايندڙن کي قسم کڻڻ نه ڏنو ويندو، جي ڊي اي جا چونڊيل 2 ايم پي اي به حلف نه کڻندا، اسان جي ڪوشش ھوندي ته ھي اسيمبلي نه ھلي ۽ قسم به نه کڻي سگهي،هن چيو ته تحريڪ انصاف سميت جيڪي پارٽيون ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪن پيون، انهن سان رابطي ۾ آهيون،  هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سنڌ ميمبر  نثاردراني آصف زرداري لاءِ اليڪشن کي  مينيج ڪيو آھي،  اسان سنڌ جي ماڻهن کي اعتماد ڏياريون ٿا  ته سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ تي ڌاڙو قابل قبول ناھي، هن چيو ته مرتضيٰ جتوئي، عرفان مروت ۽  لياقت جتوئي تي دھشتگردي جا ڪيس داخل ٿيا آھن، جن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته 54 ۽ 74 سيٽون کڻندڙ وزراعظم ٿيڻ جي دعويٰ پيا ڪن، هي ڪهڙو تماشو آهي؟. انهي کان اڳ ٿيل اجلاس ۾ ارباب غلام رحيم،  لياقت جتوئي، مرتضيٰ جتوئي،  ڊاڪٽر فھميدا مرزا،  ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا،  سيد زين شاھ،  اياز لطيف پليجو،  سائره بانو،  عبدالرزاق راھمون، ارباب انور،  حسنين مرزا،  حسام مرزا ـ امير آزاد پنھور ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا.

پٽ پيءُ کان ناراض ٿي گهر ئي ڇڏيندو آهي: پاڳارو

ڪراچي: ڇا توهان اسٽيبلشمينٽ کي ڇڏي ڏنو آهي؟ يا انهن کان ناراض آهيو؟  واري صحافي  جي سوال جي موٽ ۾ جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چيو ته پيءُ کان پٽ ناراض ٿيندو آهي ته گهر ئي ڇڏي ويندو آهي.

Leave A Comment