| چيڪ بائونس: اداڪار راجپال يادو خلاف فيصلو محفوظ |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ)دهلي هاءِ ڪورٽ ڀارتي اداڪار راجپال ياديو خلاف چيڪ بائونس ڪيس ۾ پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جج راجپال يادو جي موقف ۾ تضاد تي سوال اٿاريندي چيو ته هن جي ڪيل واعدن ۽ موجوده بيانن ۾ واضح فرق آهي. شڪايت ڪندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اداڪار سزا قبول ڪري ورتي آهي، هاڻي ذميواري کان بچي نٿو سگهي. عدالت ڌرين کي حل ڪرڻ جو مشورو به ڏنو پر راجپال ياديو انهي کي رد ڪري ڇڏيو. هن وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ۾ شرڪت ڪندي چيو، “آئون جذباتي نه آهيان، مون کي پنج ڀيرا وڌيڪ جيل موڪليو.” اهو ياد رکڻ گهرجي ته هي تڪرار 2010 کان جاري آهي، جڏهن راجپال يادو پنهنجي فلم “اتا پتا لاپتا” لاءِ 5 ڪروڙ رپيا قرض ورتو هو. فلم جي ناڪامي کانپوءِ، مالي تڪرار وڌي تقريباً 9 ڪروڙ رپيا ٿي ويو. 2018 ۾ ٽرائل ڪورٽ راجپال ياديو کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي هئي،
جيڪا 2019 ۾ به برقرار رکي وئي هئي.+