| چٽاڀيٽي امتحان: فيل اميدوارن جي ڪاپين جي ٻيهر چڪاس جو حڪم: سنڌ سرڪار ڪميشن مامرن تي ڏنڊو کڻي: هاءِ ڪورٽ |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي گڏيل مقابلي واري امتحان 2024 بابت داخل درخواستن تي اميدوارن جي سيل ٿيل جوابي ڪاپين جي آزاد ۽ اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ لاءِ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر کي ذميواري ڏئي ڇڏي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته درخواستگذارن طرفان ايس پي ايس سي جي ڀرتي واري عمل ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ ڪرپشن بابت سنگين الزام لڳايا ويا آهن، جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، عدالت مشاهدو ڪيو ته جيڪڏهن اهڙين شڪايتن جي غيرجانبدار جاچ نه ٿي ته ميرٽ تي عوام جو اعتماد متاثر ٿيندو، حڪم موجب درخواستگذارن جون جوابي ڪاپيون لاڳاپيل مضمونن جي ماهر استادن کان ٻيهر چيڪ ڪرايون وينديون، جاچ دوران اهو به ڏٺو ويندو ته امتحان وٺندڙن اميدوارن کي صحيح نمبر ڏنا هئا يا ڄاڻي واڻي گهٽ مارڪون ڏئي نقصان پهچايو ويو؟ عدالت آءِ بي اي جي وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي آهي ته هڪ مهيني اندر ٻيهر جاچ مڪمل ڪري صحيح ٿيل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، عدالت پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو ته ايس پي ايس سي جو بنيادي مقصد شفاف، منصفاڻي ۽ ميرٽ تي ٻڌل ڀرتيون يقيني بڻائڻ آهي، جڏهن ته عدالت اڳيان آيل الزامن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اداري جي ساک تي سنجيده سوال اٿيا آهن، جن جي مڪمل جاچ ضروري آهي. عدالت سنڌ حڪومت کي به هدايت ڪئي ته ايس پي ايس سي جي معاملن جو جائزو وٺي، جيڪڏهن نتيجن ۾ هٿ چراند يا غيرقانوني عمل جا ذميوار ثابت ٿين ته انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي اڳوڻو عبوري حڪم برقرار رکي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران حيدرآباد جي سيشن جج سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن درخواستگذارن جو سيل ڪيل امتحاني رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، درخواستگذارن جي امتحاني ڪاپين جي ٻيهر جاچ لاءِ پنج رڪني ڪاميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ٻه سيشن جج، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ٻه نمائندا ۽ آءِ بي اي سکر جو وائيس چانسلر شامل هوندو, عدالت تجويز ڏني ته ڪميٽي ڪامياب قرار ڏنل اميدوارن کان ڪنهن به موضوع تي مضمون لکرائي، جيڪو ڪامياب ٿيندو، اهو ئي ڪامياب قرار ڏنو ويندو, عدالت جي تجويز تي سنڌ سرڪار جي وڪيل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواد ڏيرو اعتراض واريندي چيو ته درخواستن جو فيصلو ميرٽ تي ڪيو وڃي، پهرين اهو طئه ڪيو وڃي ته درخواستون ٻڌڻي لائق آهن يا نه؟ جنهن تي عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته سچ جو ساٿ ڏيو، نوڪريون ته اينديون وينديون رهنديون آهن، ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي وفاقي آئيني عدالت ۾ چيلينج ڪيو هو, پر اڄ اها چلنيج واري درخواست واپس ورتي وئي آهي, جنهن تي جسٽس سليم جيسر چيو ته اهو سندن حق آهي، هو اسان جي حڪمن کي چيلنج ڪري سگهن ٿا، اپيل جو فورم موجود آهي, عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان اهڙيون هدايتون جاري ڪنداسين، جيئن هي معاملو هميشه لاءِ طئي ٿي وڃي, ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواد ڏيرو چيو ته حڪومت سنڌ جي هدايت آهي ته درخواستن کي ميرٽ تي ٻڌي فيصلو ڪيو وڃي, درخواستن ۾ الزام ته لڳايا ويا آهن، پر ڪنهن به قسم جا ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا, هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ ڪا به قانوني ڀڃڪڙي ناهي ٿي, عدالت قانوني دائري اختيار کان ٻاهر وڃي فيصلو نٿي ڏئي سگهي, جنهن تي جسٽس سليم جيسر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 199 تحت بنيادي انساني حقن جي معاملن تي عدالت فيصلو ڪري سگهي ٿي, جيڪي امتحان ۾ ناڪام قرار ڏنا ويا آهن، انهن جو به چوڻ آهي ته سندن بنيادي حق متاثر ٿيا آهن, جسٽس نثار احمد ڀنڀرو چيو ته پئسا وٺي ڪجهه ماڻهن کي ڪامياب ڪيو ويندو آهي,جسٽس سليم جيسر چيو ته درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته ساڻن دوکو ۽ ڌانڌلي ڪئي وئي آهي, جسٽس نثار احمد ڀنڀرو رمارڪس ڏنا ته هي سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو جو ڪيس آهي، جاچ لاءِ معاملو نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيون ٿا, نيب جاچ ڪندي ته ڪير ڪير ملوث آهي ۽ ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواد ڏيرو چيو ته اصل مسئلو اهو ئي آهي ته قانون موجب جنهن جو جيڪو ڪم آهي، اهو نٿو ڪري, عدالت کي جيڪڏهن امتحان ۾ خاميون نظر اچن ٿيون ته انهن جي قانون موجب نشاندهي ڪئي وڃي, جسٽس سليم جيسر چيو ته عدالت ۾ بيٺل سڀ ماڻهو روئي رهيا آهن ته سندن سان ناانصافي ٿي آهي, هڪ صاحب آيو هو، جنهن کي صحيح نموني لکڻ به نه ايندو هو, جسٽس سليم جيسر چيو ته معاملو ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيون ٿا، اها ڪامياب اميدوارن کان ٻيهر امتحان وٺندي, ڪامياب اميدوار جيڪڏهن چاهين ته سنڌي يا اردو ۾ مضمون لکي سگهن ٿا, درخواستگذارن جي وڪيل طلحه عباسي چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪاميٽي امتحان وٺي ۽ اڳ ۾ ڪامياب قرار ڏنل اميدوار وري سٺو مضمون لکي ڏيکارين, ناڪام اميدوارن جو چون آهيي ته جن کي مضمون لکڻ ئي نٿو اچي، اهي پوءِ حڪمراني ڪيئن ڪندا ۽ وفدن سان ڪيئن ڳالهائيندا? غير سنجيده ڳالهه اها آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميش جو وڪيل راج علي واحد موڪلن تي آهي, وڪيل جي موڪل تي هئڻ بابت معاون وڪيل عدالت کي ٻڌايو آهي, جنهن تي عدالت چيو ته ڪيس اڄ ختم نه پيو ڪيو وڃي, درخواستن تي حڪم جاري ڪيو ويندو۔