چٽاڀيٽي امتحان 2024ع: سنڌ سروس ڪميشن کي جوابي ڪاپيون سيل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

چٽاڀيٽي امتحان 2024ع: سنڌ سروس ڪميشن کي جوابي ڪاپيون سيل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي درخواستگذارن جون جوابي ڪاپيون سيل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۽ نتيجن خلاف داخل مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي درخواستگذارن جون امتحاني ڪاپيون  پيپر سيل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت سيشن جج حيدرآباد کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل رڪارڊ حاصل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ عدالت لکت ۾ حڪم نامو پڻ جاري ڪري ڇڏيو. حڪم نامي موجب درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو آهي ته کين ڪمزور ۽ غير معقول بنيادن تي ناڪام قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چوڻ آهي ته اميدوارن کي مڪمل ميرٽ جي بنياد تي ناڪام قرار ڏنو ويو،  نتيجن ۾ ڪنهن به قسم جي بدنيتي جو عنصر شامل ناهي. ٻڌڻي دوران عدالت وڌيڪ ٻن اميدوارن جي ڌر بڻجڻ واري درخواست به منظور ڪري ورتي . عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته موجوده تڪرار گڏيل مقابلي واري امتحان (Combined Competitive Examination-2024) جي نتيجن سان لاڳاپيل آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته درخواستگذارن جون جوابي ڪاپيون عدالتي جاچ (Scrutiny) لاءِ پيش ڪيون وڃن. عدالت سيشن جج حيدرآباد کي هدايت ڪئي آهي ته هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان درخواستگذارن جون جوابي  ڪاپيون حاصل ڪري سمورو رڪارڊ سيل ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي نمائندي وسيلي عدالت ۾ پيش ڪري. حڪمنامي موجب سمورو رڪارڊ عدالت طرفان مقرر ڪيل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ڊي سيل ڪيو ويندو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، لاڳاپيل اختياريون ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ  عدالتي حڪمن جي روح مطابق مڪمل سهڪار ڪن. عدالت جي ايم آءِ ٽي-2 کي به حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.