| چڪ ويجهو ڪوڏي ڪوڏي راند جا مقابلا: سنڌ پنجاب کي هارائي چيمپئن بڻجي وئي |
چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ ڀرسان درگاهه ڀور ڀٽ جي صوفي بزرگ سيد محمد شاهه مست جي چئن ڏينهن واري سالياني عرس مبارڪ جي پڄاڻيءَ تي سنڌ جي روايتي راند ڪوڏي ڪوڏي جا دلچسپ ۽ سنسني خيز مقابلا منعقد ڪرايا ويا. مقابلا سنڌ اسپورٽس بورڊ جي سهڪار سان منعقد ٿيا، جن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي نامياري پهلوانن ڀرپور شرڪت ڪئي.ڪوڏي ڪوڏي جي سڀ کان وڏي ۽ فيصلائتي مقابلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. پنجاب ٽيم جي اڳواڻي رياض جٽ جڏهن ته سنڌ جي ٽيم جي قيادت جانب عمراڻي ڪئي. مقابلي جا شروعاتي ٻه رائونڊ هڪ، هڪ پوائنٽ تان برابر رهيا، جنهن کانپوءِ ٽيون ۽ فيصلائتو رائونڊ ڪرايو ويو. فيصلائتي مقابلي ۾ سنڌ جي پهلوانن شاندار راند جو مظاهرو ڪندي پنجاب جي ٽيم کي هڪ پوائنٽ جي معمولي فرق سان شڪست ڏئي ڪوڏي ڪوڏي جو مها دنگ پنهنجي نالي ڪري ورتو. سنڌ جي ڪپتان جانت عمراڻي ۽ پنجاب جي ڪپتان رياض جٽ پنهنجي بهترين راند سبب شوقينن کان خوب داد حاصل ڪيو. مقابلي جي پڄاڻيءَ تي فاتح ٽيم جي ڪپتان کي ٽرافي ۽ ڪيش انعام ڏنو ويو. ان موقعي تي درگاهه ڀور ڀٽ جي گادي نشين سيد نادر علي شاهه، سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ايسوسيئيشن جي صدر حاجي علي حسن شيخ، مرڪزي سيڪريٽري محمد پناهه مهر ۽ سماجي اڳواڻ شائستا کوسي سميت علائقي جي معززين ۽ راندين جي شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران سنڌ جي روايتي راندين جي واڌاري ۽ تحفظ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو.