چڪ ويجھو نوجوان اغوا بعد گوليون هڻي قتل، ٽيوب ويل تان تشدد ٿيل لاش هٿ

چڪ ويجھو نوجوان اغوا بعد گوليون هڻي قتل، ٽيوب ويل تان تشدد ٿيل لاش هٿ

چڪ (ن پ ا) چڪ ڀرسان دوستن ڏئي ويل ڳوٺ نظر الدين جاگيراڻي واسي نوجوان رحيم بخش پٽ امام بخش جاگيراڻي تشدد ۽ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو، بچل ڀيو ٿاڻي جي حد ڳوٺ آندلاڻي مھر ڀرسان ٽيوب ويل وٽان لاش هٿ ڪيو ويو، ان حوالي سان مقتول نوجوان جي ڀاءُ علي احمد جاگيراڻي ۽ ٻين چيو ته نوجوان کي ڳوٺ آندلاڻي واسي نواب مھر فون ڪري گهرايو هو، جنھن بعد سندن نوجوان کي جوابدارن پاران اغوا ڪري نظير احمد مھر جي ٽيوب ويل وٽ قتل ڪرڻ بعد لاش اڇلايو ويو آهي،  مقتول نوجوان جي ڀاءُ علي احمد جاگيراڻي مطالبو ڪيو ته جوابدارن جو پتو لڳائي کين سخت سزا ڏني وڃي. ٻي طرف بچل ڀيو ٿاڻي جي ايس ايچ او امداد بروهي ٻڌايو ته معاملو حساس آھي، پوليس جاچ ڪري رهي آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.